اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته جيڪڏهن شرم ۽ حيا هجي ها ته بچاءَ وارو وزير استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏي ها.
قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اسد قيصر بچاءَ واري خواجه آصف کي جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو اخلاق پڻو هجي ها ته خواجه آصف اڄ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ها، هو پنهنجي نااهلي جو الزام پي ٽي آءِ تي مڙهي رهيو آهي.
اسد قيصر جو چوڻ هو ته اميد هئي ته اڄ دفاع وارو وزير بلوچستان سانحي تي ڳالهائيندو، پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺندو، پر حڪومت تي پي ٽي آءِ ۽ سوشل ميڊيا سوار آهي، امن امان جي صورتحال کي ڪيئن سنڀالڻو آهي، اهو ٻڌائڻ حڪومت جي ذميواري آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ قومي سطح تي امن ۽ امان لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو.
You might also like