ڪراچي (ويب ڊيسڪ(وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت پنهنجي هڪ سال دوران جيڪو به ڪري پئي سگهياسين اهو ڪيو آهي.
سنڌ حڪومت جي هڪ سالا ڪارڪردگي بابت بريفنگ دوران وڏي وزير ٻڌايو ته گذريل سال ڪيترائي عوامي منصوبا شروع ڪيا ويا، جڏهن ته حڪمراني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي.
هن ٻڌايو ته بلاول ڀٽو گذريل سال سنڌ هاري ڪارڊ جاري ڪيو هو، جنهن تحت هڪ لک کان وڌيڪ هارين ۾ اٽڪل 10 ارب رپيا ورهايا ويا.
مراد علي شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته شاگردن لاءِ پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام شروع ڪيو ويو، جنهن ذريعي ٽن يونيورسٽين مان 11071 شاگردن گريجوئيشن مڪمل ڪئي، جڏهن ته آءِ ٽي شعبي ۾ ٽي پورٽلز به ٺاهيا ويا.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز فليگ شپ منصوبو آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ به ترقياتي رٿائون تيزيءَ سان جاري آهن.
سندس چوڻ هو ته گهوٽڪي ۾ زرعي ريسرچ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي ۽ ڳوٺن جي ڊجيٽل ميپنگ ڊرون ذريعي ڪئي پئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان هڪ سال ۾ جيڪو ڪري سگهياسين اهو ڪيو ۽ حڪومت قائداعظم ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي.
هاري ڪارڊ ذريعي هڪ لک کان وڌيڪ هارين ۾ اٽڪل ڏهه ارب رپيا ورهايا ويا: وڏو وزير
You might also like