سنڌ حڪومت بظابطا طور تي گرين ۽ اورينج لائين بس سروس جو انتظام سنڀالي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت بظابطا طور تي گرين ۽ اورينج لائن بس سروس جو انتظام سنڀالي ورتو. گرين ۽ اورينج لائن بس سروس جي آپريشنل ڪنٽرول جي منتقلي جي تقريب اپريشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر گارڊن ڪراچي ۾ ٿي، جتي سي اي او پي آءِ ڊي سي ايل وسيم باجوه ڪنٽرول سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن حوالي ڪيو.
تقريب ۾ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو ۽ بي آر ٽي جي عملدارن شرڪت ڪئي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گرين ۽ اورينج لائن جي سنڌ حڪومت ڏانهن منتقلي پبلڪ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ کي وڌيڪ منظم ڪرڻ طرف اهم قدم آهي.
هن چيو ته سنڌ سرڪار بس سروس جي بهتري لاءِ پرعزم آهي ته جيئن شهرين کي بهترين سفري سهولتون ملي سگهن. جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ باقاعده سار سنڀال ذريعي بس سروس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو ويندو.
سينيئر وزير جو چوڻ هو ته ڪراچيءَ لاءِ هڪ مضبوط شهري ٽرانسپورٽ سسٽم جوڙيو پيو وڃي ۽ ٻنهي بي آر ٽي لائنن کي ٻين پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽمن سان ڳنڍڻ جا منصوبا جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.