هانيا عامر هڪ انٽرويو لاءِ ڪيترو معاوضو وٺندي آهي؟ وڏو انڪشاف

من موهڻي اداڪارا ۽ ماڊل هانيا عامر نه رڳو پاڪستان پر ڀارت ۾ به مشهور آهي، اهو ئي سبب آهي جو هوءَ نه رڳو ڊرامن ۽ فلمن پر ڪمرشلز ۽ فيشن فوٽو شوٽس ۾ به نظر ايندي آهي.
پر کيس انٽرويوز ۾ گهٽ ئي ڏٺو ويندو آهي، تازو هانيا عامر طرفان انٽرويو لاءِ وصول ڪئي ويندڙ معاوضي جي حوالي سان وڏو انڪشاف ٿيو آهي.
ناليواري ميزبان ۽ پوڊ ڪاسٽر عدنان فيصل هڪ شو ۾ انڪشاف ڪيو ته مان هانيا کي پوڊ ڪاسٽ ۾ انٽرويو لاءِ دعوت ڏني هئي، جنهن لاءِ هن 20 لک رپيا معاوضو طلب ڪيو.
عدنان فيصل دعويٰ ڪئي ته مان اڄ تائين گهٽ ۾ گهٽ 400 کان 500 پوڊ ڪاسٽ رڪارڊ ڪيون آهن ۽ اڄ تائين ڪنهن به فنڪار کي ڪو معاوضو ادا ناهي ڪيو.
سندس چوڻ هو مان هانيا عامر جي مطالبي تي سوچيو ته جڏهن مان اڄ تائين ڪنهن فنڪار کي معاوضو ناهي ڏنو ته هانيا کي ڇو ڏيان؟ اسان جي انڊسٽري ۾ سڀ فنڪار برابر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.