نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اسرائيلي سياح سميت ٻن عورتن سان اجتماعي لڄالٽ جو واقعو پيش آيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو خميس جي رات ڪرناٽڪ رياست ۾ پيش آيو، جتي ٻن عورتن کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو، جن ۾ 27 ورهين جي اسرائيلي سياح ۽ ان جي ڀارتي ميزبان شامل آهن.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن ٻئي عورتون بينگلورو کان 350 ڪلو ميٽر پري ڪوپال ڪينال جي علائقي ۾ موجود هيون ۽ انهن سان گڏ ٽي ٻيا مسافر به هئا.
پوليس موجب جوابدار عورتن کي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ کان اڳ اتي موجود ٽن مسافرن کي ڪينال ۾ ڌڪو ڏنو، جن ۾ هڪ آمريڪي ۽ ٻه ڀارتي شهري شامل هئا.
رپورٽن موجب ڪينال ۾ ڪرڻ سان هڪ ڀارتي شهري ٻڏي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻين تري پنهنجي حياتي بچائي.
پوليس ٻڌايو ته اسرائيلي عورت اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، کانئس بيان وٺي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
اسرائيلي سياح جو چوڻ آهي ته جوابدارن اڳ ۾ تشدد جو نشانو بڻايو، پوءِ اجتماعي زيادتي ڪئي.
You might also like