اِي آءِ ڪورس ڪندڙ ڪراچي واسي نينگر ماهوار لکين رپيا ڪيئن ٿو ڪمائي؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جو هڪ تيرهن سالن جو نينگر سيلاني ويلفيئر وٽان اي آءِ ڪورس مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بهترين ڪاميابي ماڻي آهي جنهن ذريعي هو ماهوار پنج لک رپيا ڪمائي ٿو.

هڪ انٽرويو ۾ ڪراچي جي اورنگي ٽائون جي رهواسي ڪاشان عدنان پنهنجي ڪاميابي جو تاج سيلاني ويلفيئر جي نالي ڪيو جتان هن ڪيل اَي آءِ ۽ چيٽ بوٽ ڊولپمينٽ ڪورس مڪمل ڪيو.

نينگر ويب ۽ موبائل ايپ ڊولپمينٽ جو ڪورس به مڪمل ڪيو، ڪاشان عدنان انڪشاف ڪيو آهي ته اهو ماهوار پنج لک رپيا ڪمائيندو آهي.

ڪاروباري نوجوان چيو ته هن آغاز ٽيڪ جي نالي سان پنهنجي شروعات ڪئي جنهن جي ذريعي هو عالمي گراهڪن کي خدمتون فراهم ڪندو آهي.

هن ٻڌايو ته هو سئو کان مٿي ٻارن کي پڙهائيندو به آهي پنهنجي علم ۽ هنر کي ٻين تائين پڻ پهچائڻ جو ڪم ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.