اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين پاڪستان کي ڏنل ٻه ارب ڊالر رقم جي واپسي ۾ هڪ سال واڌ ڪري ڇڏي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ بحالي لاءِ پراڻي دوست چين جو معاشي سهڪار جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ چين پاڪستان کي ڏنل ٻه ارب ڊالرن جي رقم جي واپسي ۾ هڪ سال واڌ ڪري ڇڏي آهي.
چين کان ورتل ان قرض جي واپسي جو مدو 24 مارچ تي پورو ٿي رهيو هو.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته چين جي ان قدم سان پاڪستان کي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا مضبوط رکڻ ۾ مدد ملندي.
You might also like