طبي سائنسدانن جي نئين تحقيق ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن انسان لڳاتار ست ڏينهن روزا رکي، مطلب ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو هر روز مخصوص وقت لاءِ بُکيو ۽ اُڃارو رهي، ته ان جو جسم هڪ منظم طريقي سان "ري سيٽ” ٿئي ٿو. ان دوران جسم توانائي جا ذريعا بدلائي ٿو، چربي گھٽ ڪري ٿو ۽ جسم جي اهم عضون جي صحت سان لاڳاپيل خاص پروٽينز کي فعال ڪري ٿو، جيڪي صحت لاءِ فائديمند ثابت ٿين ٿيون.
ماهرن جو چوڻ آهي ته لڳاتار ٽي ڏينهن روزو رکڻ سان جسم ۾ اهم تبديليون اچن ٿيون، جيڪي گڏيل صحت تي هاڪاري اثر وجهن ٿيون.
هيءَ تحقيق برطانيا جي ڪوئين ميري يونيورسٽي آف لنڊن ۽ نارويجن اسڪول آف اسپورٽس سائنسز جي ماهرن ڪئي. انهن روزن جا جسم تي ٿيندڙ اثر خاص طور "ماليڪيولر ليول” تي جاچيا، ماهرن جسم ۾ هلندڙ نُهڙين تبديليين کي ڏٺو.
روزو: صحت لاءِ قدرتي علاج؟
انسان هزارين سالن کان روزو رکندو پيو اچي. اڄ به روزو نه رڳو مذهبي ۽ ثقافتي سببن لاءِ، پر صحت جي بهتري ۽ وزن گهٽائڻ لاءِ به رکيو وڃي ٿو. تاريخي طور تي روزو مرگهي ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو رهيو آهي.
روزو جسم تي ڪيئن اثر ڪري ٿو؟
جڏهن ماڻهو روزو رکي ٿو، ته جسم توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ محفوظ ٿيل چربي استعمال ڪرڻ شروع ڪري ٿو. پر سائنسدان اڃا تائين مڪمل طور تي اهو نه سمجهي سگهيا هئا ته روزي جو جسم تي ڪهڙو مڪمل اثر ٿئي ٿو. هاڻي طبي سائنس ترقي ڪري چڪي آهي، جنهن سان ماهر ڏسي سگهن ٿا ته روزي دوران رت ۾ هلندڙ مختلف پروٽين ڪيئن تبديل ٿين ٿا.
تحقيق جو طريقو
ماهرن 12 صحت مند ماڻهن تي تحقيق ڪئي، جن ست ڏينهن روزو رکيو ۽ هر روز 13 کان 14 ڪلاڪ کاڌي پيتي کان پاسو ڪيو. انهن جي رت ۾ لڳ ڀڳ 3000 مختلف پروٽينز جي تبديلي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
حيرت انگيز نتيجا!
- روزو رکڻ جي ٻئي يا ٽئين ڏينهن کان جسم گلوڪوز بدران محفوظ ٿيل چربي استعمال ڪرڻ لڳو.
- رضاڪارن جو وزن سراسري 5.7 ڪلوگرام گهٽ ٿي ويو.
- روزو کولڻ کانپوءِ عضلتون ٻيهر ٺهڻ لڳيون، پر چربي واپس نه آئي!
- روزو دماغي پروٽين تي به اثر انداز ٿيو، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته روزو صرف وزن گهٽائڻ لاءِ نه، پر مجموعي صحت لاءِ به فائدي مند آهي.
ماهرن جو موقف
تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر ڪلاوڊيا لينگنبرگ چوي ٿي:"اسان پهريون ڀيرو ڏٺو آهي ته روزو رکڻ دوران جسم جي هر حصي ۾ مالڪيولر ليول تي ڇا ٿيندو آهي. روزو رڳو وزن گهٽائڻ جو طريقو نه، پر صحت لاءِ به فائديمند آهي. پر انهن فائدن لاءِ لازمي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ لڳاتار ٽي ڏينهن روزا رکيا وڃن. جيڪڏهن هڪ ڏينهن جو به وقفو آيو ته اهي فائدا حاصل نه ٿيندا.”
ڊاڪٽر مائڪ پيٽزنر چوي ٿو ته اسان جي تحقيق ظاهر ڪري ٿي ته روزو رکڻ کي تاريخ ۾ بيمارين جي علاج لاءِ ڇو استعمال ڪيو ويو. پر هر مريض لاءِ روزو مناسب ناهي، ان ڪري ڪنهن به بيماري جي صورت ۾ روزو رکڻ کان اڳ ماهر ڊاڪٽر کان صلاح وٺڻ ضروري آهي.
نتيجو
هي تحقيق ثابت ڪري ٿي ته روزو رڳو مذهبي عبادت ناهي، پر صحت لاءِ به انتهائي فائديمند آهي. لڳاتار ٽي ڏينهن روزو رکڻ سان جسم ۾ هاڪاري تبديليون اچن ٿيون، جيڪي وزن گهٽائڻ، چربي ختم ڪرڻ ۽ دماغي صحت کي بھتر ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.