سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا ۾ هڪ فوجي جهاز مشقن دوران غلطي سان آبادي تي بم ڪيرائي ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي شهر پوچيون ۾ ايئر فورس جون مشقون جاري هيون ته ان دوران هڪ فوجي فائيٽر جيٽ جهاز غلطي سان آبادي واري علائقي تي 8 بم ڪيرائي ڇڏيا.
رپورٽ موجب ڪيرايل بمن مان 7 نه ڦاٽا پر هڪ بم ڦاٽڻ سان 15 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن مان ٻن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بم ڪرڻ سان ڪجهه گهرن سميت هڪ چرچ کي به نقصان پهتو، واقعي تي ڏکڻ ڪورين ايئر فورس معافي ورتي ۽ نقصان جي ازالي لاءِ معاوضو ڏيڻ جي آڇ به ڪئي آهي.
Prev Post
You might also like