ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا لاٿ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 هزار رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 4 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 2 هزار 571 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 60 هزار 630 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 28 ڊالر گهٽجڻ سان 2 هزار 893 ڊالر في اونس آهي.
You might also like