ڊيوڊ ملر: ايڏي دير ڪري ڇو ٿا يار اچو؟

تجزيو: سرمد سولنگي

چيمپيئنز ٽرافيءَ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ طرفان ڏنل ھدف ڏکڻ آفريقا لاءِ ايورسٽ سر ڪرڻ برابر ھو ۽ ان جي مهم جوئيءَ لاءِ ڊيوڊ ملر جهڙن جوانن جي ضرورت ھوندي آھي.
ٽاپ آرڊر جي ناڪامي چئجي يا وڏين ميچن جو دٻاءُ پر جڏھن ڇهين نمبر تي بيٽنگ لاءِ ملر ڪريز تي آيو، تڏھن باووما اليون کي کٽڻ لاءِ 128 بالن تي 196 رنسون گهربل هيون.
ان وقت ضرورت ان ڳالهه جي ھئي ته فوري طور تي اسٽروڪ پلي ڪجي، پر ملر تڪڙي منزل ڏانهن وک وڌائڻ بدران صبر ڪيو، جيتوڻيڪ ان وقت سڄو حساب ڪتاب اها ڊمانڊ ڪري رهيو هو ته جيڪڏھن ڪجهه ڪرڻو آهي ته هاڻي ئي ڪرڻو آهي.
جيئن جيئن اوور گذرندا ويا، اميدن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو، پر پوءِ آخري 21 بالن تي ملر کي سمجهه آئي ته ھاڻي ھٿ کولڻ گهرجن…!
پر سوال اهو آهي ته جارحاڻو انداز اختيار ڪرڻ جو فيصلو هن 25 بال اڳ ڇو نه ڪيو؟
ڇا کيس صورتحال جي سنگينيءَ جو پتو نه هو يا دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هو ته ڪم گهڻو آهي، عزت بچي وئي ته به وڏي ڳالهه آهي؟
جنهن انداز سان ھو ڪلين ھٽنگ ڪندو آهي، جيڪڏهن ھو اهو فيصلو ان وقت ڪري ها، جڏھن ساڻس آخري اميد مارڪو ينيسن ڪريز تي موجود هو، تڏهن به جيڪڏهن ڪامياب نه به ٿئي ها ته اسان ايترو ضرور چئون ها ته ”ملر کٽڻ لاءِ سوچيو ۽ لوچيو.“
شوقين ڀلي ملر کي ”هارايل لشڪر جو کٽيل سپاهي“ چون يا سندس اننگز کي ”دليون کٽي ورتيون “ قرار ڏين پر مان جنهن ملر کي سڃاڻان ٿو، اهو ڪڏهن به ايترو سيلفش نه رهيو آهي ۽ جنهن وقت هن ڏنڊو ڦيرايو تيستائين ميچ نيوزيلينڊ کٽي چُڪي هئي ۽ ميدان تي رڳو رسمي ڪارروائي پوري ٿي رهي هئي.
ملر جي اننگز اميدن جو علامتي جنازو هئي، مڙهه اڳواٽ ئي دفن ٿي چڪو هو…!
خير، ڏکڻ آفريقا هن ڀيري ڏکوئيندڙ شڪست بدران ھڪ يقيني شڪست ڏٺي ۽ ڪنهن به موقعي تي اهو محسوس ئي نه ٿيو ته هي ٽيم ميچ کٽڻ جي پوزيشن ۾ هئي يا کٽڻ جي ڪوشش ڪئي.
هونئن به اڪيلو ملر ئي ھن شڪست جو ڏوھي ڪونهي، هن ناڪاميءَ ۾ ڪپتان باووما، سينيئر بيٽر ايڊن مارڪرم ۽ هارڊ هٽر هينرڪ ڪلاسن سڀ ڀاڱي ڀائيوار آهن.
ڇو ته جڏهين گهربل رن ريٽ نوَ رنسون في اوور کان وڌڻ لڳي تڏهين ڇهين نمبر تي ايندڙ بيٽر مان اميدون رکڻ جو مطلب اهو آهي ته فلم پڄاڻيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي.
ھائو ڪرڪيٽ ۾ ڪڏھن، ڪڏھن معجزه به ٿيندا اتان کان ماڻهو ڪارلوس بريٿويٽ به ٿي سگهي ٿو ته شاھد آفريدي به بڻجي سگهي ٿو، ھو ميڪسويل جهڙي اننگز به کيڏي سگهي ٿو ته ويرات ڪوھليءَ جيان ميلو به لٽي سگهي ٿو پر ان لاءِ ٻئي اينڊ کان مارلن سيمويلز، فواد عالم، پيٽ ڪمنز ۽ ھاردِڪ پانڊيا جو ساٿ به گهربل ھوندو آھي.
ھا ماڻهو ڪڏھن، ڪڏھن عبدالرزاق جهڙي اننگز به کيڏي ويندا آھن پر ان لاءِ وقت جي چونڊ سڀ کان اھم ھوندي آھي، ملر جي اننگز به لاجواب ھئي پر کائنس ٽائمنگ جي چونڊ ۾ چُڪ ٿي وئي…

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.