بابر هاڻي فيورٽ ناهي رهيو: سونيا حسين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا سونيا حسين جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جو بيٽر بابر اعظم هاڻي سندس پسنديده رانديگر ناهي رهيو.
سونيا حسين ويجهڙ۾ هڪ نجي ٽي وي چينل جي چيمپيئنز ٽرافي بابت خاص پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ڪيئي دلچسپ سوالن جا جواب ڏنا.
شو دوران ميزبان کانئس پڇيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سندس پسنديده رانديگر ڪير آهي؟
اداڪارا جواب ۾ چيو ته ”هاڻي تائين ته منهنجو فيورٽ رانديگر بابر هو، پر هاڻي هو ان فهرست ۾ ناهي.“
هن چيو ته هاڻي سندس پسنديده رانديگر ڪو ٻيو آهي، پر کيس ان جو نالو ياد ناهي.
سونيا حسين اڳوڻن رانديگرن بابت ڳالهائيندي چيو ته کيس فاسٽ بالر شعيب اختر تمام گهڻو پسند هو، ڇاڪاڻ ته سندس هڪ الڳ سڃاڻپ آهي ۽ اڄ به ملڪي رانديگرن ۾ سڀني کان الڳ نظر اچي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.