دبئي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي آخري رائونڊ ميچ ۾ ڀارت نيوزيلينڊ کي 44 رنسن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 249 رنسون ٺاهيون.
شرياس ائير 79، هارديڪ پانڊيا 45، اڪشر پٽيل 42 رنسن سان اڳڀرا رهيا، نيوزيلينڊ جي ميٽ هينري 5 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ ڪيوي ٽيم 45.3 اوورن ۾ 205 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪين وليمسن 81 رنسن جي اننگز کيڏي، ٻين مان ڪو وڪيٽ تي نه بيهي سگهيو، سينٽنر 28، ول ينگ 22، مچل 17، ليٿم 14، فلپس 12 رنسون ٺاهيون.
ڀارت جي ورون چڪرورتي 5، ڪلديپ 2، اڪشر، پانڊيا ۽ جديجا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
چيمپيئنز ٽرافي جو پهريون سيمي فائنل 4 مارچ تي ڀارت ۽ آسٽريليا، جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل 5 مارچ تي نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ کيڏيو ويندو.
You might also like