ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ايڪشن هيرو جان ابراهم چيو آهي ته منهنجو ڪيريئر تنقيد تي ٺهيو آهي ۽ مان ان کي شروع کان انجواءِ ڪندو آهيان.
هڪ انٽرويو ۾ جان ابراهم چيو ته ڪيترائي ڀيرا اڳڪٿي ڪئي وئي ته فلم انڊسٽري ۾ منهنجو وقت ختم ٿي ويو آهي پر مون کي ان سان ڪو فرق نٿو پئي، مون کي مداحن سدائين سپورٽ ڪيو، مان ان محبت جو قرض سٺين فلمن ذريعي لاهڻ چاهيان ٿو.
هن چيو ته مون بابت روز نيون ڪهاڻيون لکيون وينديون آهن پر مان ڪڏهن برو ناهي مڃيو، حقيقت اها آهي ته منهنجو ڪيريئر ئي تنقيد تي بيٺو آهي ۽ مان ان کي انجواءِ ڪندو آهيان.
سندس چوڻ هو ته مون کي باڪس آفيس تي نمبرن سان جج ڪيو ويندو آهي پر جنهن شئي مون کي بچايو اهي منهنجا مداح آهن، بالي ووڊ کي رڳو نمبرن (ڪروڙن جي ڪمائي) تي نه پر سٺين ڪهاڻين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
You might also like