ٽرمپ جو افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيار ۽ بگرام ايئر بيس جو ڪنٽرول واپس وٺڻ جو اعلان

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان مان نيڪالي وقت ڇڏيل آمريڪي هٿيار ۽ بگرام ايئر بيس ٻيهر حاصل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ آمريڪي صدر افغانستان مان نڪرڻ جي حڪمت عملي ناقص قرار ڏيندي اربين ڊالر جو فوجي سامان ڇڏڻ جو ذميوار جو بائيڊن انتظاميا کي قرار ڏنو.
ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا 70 هزار گاڏيون، 7 لک 77 هزار رائفلون، 70 هزار بڪتر بند گاڏيون ڇڏي آيو، جيڪي هاڻي طالبان وڪڻي رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته بگرام ايئر بيس چين تي نظر رکڻ لاءِ اهم هئي، ان تي آمريڪا کي ڪنٽرول برقرار رکڻ گهرجي ها، تنهنڪري هاڻي اها افغان طالبان کان واپس وٺنداسين.
گڏيل قومن جي رپورٽ موجب افغان طالبان پاڪستان ۾ فتنه الخوارج کي دهشتگردي لاءِ مالي ۽ آپريشنل مدد ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته 2024 ۾ ٿيل 600 کان وڌيڪ حملا افغان سرزمين تان ڪيا ويا.
آمريڪي وزارت دفاع موجب، 2021 کان 2025 تائين افغان فورسز کي 18.6 ارب ڊالر جو فوجي سامان ڏنو ويو، جنهن ۾ جهاز، هٿيار، گاڏيون ۽ مواصلاتي نظام شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.