لاهور (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر مارنس لبوشين چيو آهي ته اسان جي گهڻي تيار ايونٽ کان اڳ ئي ٿي وئي هئي، سمورا رانديگر پاڻ کي تيار ڪري آيا هئا، افغانستان خلاف ميچ لاءِ مڪمل تيار آهيون.
افغانستان خلاف ميچ کان اڳ پري ميچ پريس ڪانفرنس ڪندي مارنس لبوشين چيو ته مون کي افغانستان خلاف کيڏڻ لاءِ ڪو دٻاءُ ناهي، ٽيم سٺي فارم ۾ آهي، وڏو اسڪور ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اسان کي سڀاڻوڪي ميچ کٽي افغان فينز کي خاموش ڪرائي خوشي ٿيندي.
هن چيو ته ميچ کٽي سيمي فائنل ۾ وڃڻ چاهيون ٿا، افغانستان جي ٽيم سٺي آهي، ان جا بالر سٺي بالنگ ڪري رهيا آهن، افغانستان جي بالنگ ۽ بيٽنگ ٻنهي کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
گرائونڊ ۾ افغاني شوقينن کي ماٺ ڪرائي خوشي حاصل ٿيندي: آسٽريلوي بيٽر اهم بيان ڏئي ڇڏيو
You might also like