ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪار ساجد حسن جو مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جاچ دوران منشيات ڪيس ۾ گرفتار پنهنجي پٽ ساحر حسن بابت بيان سامهون اچي ويو.
پنهنجي بيان ۾ اداڪار ساجد حسن چيو ته پٽ خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو آهي، ساحر وٽان ڪنهن قسم جي منشيات برآمد ناهي ٿي، ان کي قتل ڪيس تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڦاسايو پيو وڃي، شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ ڪئي وڃي.
هن دعويٰ ڪئي ته پوليس کي پٽ خلاف ڪو ثبوت ناهي مليو، نه ئي ساحر وٽان ڪا منشيات برآمد ٿي، ان باوجود ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، پٽ کي وارنٽ بنا گرفتار ڪرڻ غير قانوني آهي.
You might also like