لاهور (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان حشمت الله شاهدي انگلينڊ کانپوءِ افغانستان کي به شڪست ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حشمت الله شاهدي چيو ته انگلينڊ خلاف فتح کانپوءِ رانديگرن جو مورال بلند آهي، پر آسٽريليا مضبوط ٽيم آهي، سٺو مقابلو ڪرڻ ۽ کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
حشمت الله چيو ته آسٽريليا کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ هدف آهي، ڪينگروز سان سٺو مقابلو ٿيندو، جنهن لاءِ حڪمت عملي تيار ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ سٺا اسپنر آهن، جيڪڏهن پِچ مان مدد ملي ته اسان ڪنهن به ٽيم کي هارائي سگهون ٿا، رڳو ميڪسيول خلاف پلاننگ ناهي پوري ٽيم خلاف منصوبابندي سان ميدان تي لهنداسين.
You might also like