لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي اٺين ميچ ۾ انگلينڊ افغان نوجوان بيٽر ابراهيم زادران شاندار 177 رنس جي اننگز کيڏي ڪيترائي رڪارڊ قائم ڪيا ۽ ان دوران اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ڪپل ديو جو به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
افغان اوپنر ابراهيم زادران 146 بالن تي 177 رنس ٺاهي آخري اوور ۾ آئوٽ ٿيو. سندس اننگز ۾ 6 ڇڪا ۽ 12 چوڪا شامل هئا.
ابراهيم زادران چيمپيئنز ٽرافي ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ پهريون افغان بيٽر بڻجي ويو، جڏهن ته ورلڊ ڪپ ۾ به افغانستان لاءِ سينچري ٺاهڻ جو اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي.
ان کانسواءِ هو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ افغانستان طرفان سڀ کان وڏي انفرادي اننگز کيڏندڙ بيٽر بڻجي ويو، هن پنهنجي ئي 162 رنسن واري اننگز جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
ابراهيم زادران هاڻي چيمپيئنز ٽرافي جي تاريخ ۾ هڪ اننگز ۾ سڀ کان وڏو اسڪور ٺاهيندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي.
ان کان اڳ هلندڙ ٽورنامينٽ دوران ئي انگلينڊ جي بين ڊڪيٽ 166 رنسون ٺاهي اهو اعزاز ماڻيو هو.
ان سان گڏوگڏ هو آءِ سي سي ون ڊي ٽورنامينٽس ۾ سڀ کان وڏو اسڪور ڪندڙ ايشيائي بيٽرن جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو.
هن 1983 واري عالمي ڪپ ۾ 175 رنسون ٺاهيندڙ ڪپل ديو کي پوئتي ڇڏي ڏنو، جڏهن ته پهرين نمبر تي 1999 واري ورلڊ ڪپ ۾ 183 رنسون ٺاهيندڙ سارو گانگولي موجود آهي.
You might also like