پريتي تي بي جي پي کان مالي مدد وٺڻ جو الزام، اداڪارا جو ردعمل اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پريتي زنٽا سياسي جماعت ڪانگريس ڪيرالا جي دعويٰ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي ان کي ڪوڙي خبر قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪانگريس ڪيرالا دعويٰ ڪئي هئي ته پريتي زنٽا پنهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽس حڪمران جماعت بي جي پي حوالي ڪري ڇڏيا آهن ۽ حڪومت طرفان هن جو 18 ڪروڙ رپين جو قرض معاف ڪيو ويو آهي.
پريتي زنٽا ان بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته ته هوءَ پنهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽس پاڻ هلائي ٿي.
هن چيو ته سندس نالو ۽ تصويرون استعمال ڪندي بي بنياد ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ وارن کي شرم اچڻ گهرجي.
اداڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن به سندس قرض معاف ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن هن جو قرض ادا ڪيو آهي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن واضح ڪيو ته هوءَ 10 سال اڳ ورتل قرض اڳ ئي ادا ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.