پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ هيڊ ڪوچ وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد پاڪ-ڀارت ٽاڪري کي دٻاءُ جو ٻيو نالو قرار ڏئي ڇڏيو.
دبئي ۾ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي مهامقابلي کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي هيڊ ڪوچ چيوته پاڪستاني رانديگر دبئي جي ڪنڊيشن کان واقف آهن، دٻاءُ کي برداشت ڪرڻ پليئر جو ڪم آهي.
هن چيو ته دبئي جي ڪنڊيشن اهڙي ناهي جو هتي پنج اسپنرز سان کيڏون، پنهنجي صلاحيتن ۽ موجود وسيلن مطابق ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي.
هيڊ ڪوچ چيو ته ڀارت خلاف اهم مقابلي ۾ شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف مان وڏيون اميدون آهن.
سندس چوڻ هوته پاڪ-ڀارت ميچ دوران ميدان خالي به ڪري ڇڏيو تڏهن به دٻاءُ برقرار رهندو، اِهو ئي هن مقابلي جو مزو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت ميچ جو ٻيو نالو ئي دٻاءُ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارت خلاف ميچ قومي ڪرڪيٽرن لاءِ نالو ڪمائڻ جو بهترين موقعو آهي، رانديگرن کي چئي ڇڏيو آهي پنهنجي صلاحيت دنيا کي ڏيکاريو، دٻاءُ مان لطف ماڻيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.