اپوزيشن پارٽين جو حڪومت مخالف تحريڪ تيز ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ سياسي سرگرمين جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پارٽين حڪومت مخالف تحريڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت گرينڊ الائنس جي اڳواڻن وچ ۾ رابطا ۽ ملاقاتون جاري آهن.
اپوزيشن قيادت سنڌ ۾ سياسي سرگرميون وڌائيندي، تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻن اڄ سنڌ روانو ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ٽن ڏينهن جي دوري دوران اهم سياسي ملاقاتون طئي ڪيون ويون آهن، جن ۾ جي ڊي اي اڳواڻن سان گڏ عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي سان به ڳالهين جو امڪان آهي.
اپوزيشن وفد ۾ محمود خان اچڪزئي، اسد قيصر، صاحبزاده حامد رضا، اخوانزاده حسين، بي اين پي مينگل، ايم ڊبليو ايم جا اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا شامل آهي.
اپوزيشن الائنس جون دوري دوران ڪاروباري حلقن، بار ايسوسيئيشنز، ۽ پي ٽي آءِ ڪراچي جي اڳواڻن سان به ملاقاتون شيڊيول آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.