لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا نرگس فخري پنهنجي دوست ۽ ڪاروباري شخصيت ٽوني بيگ سان شادي ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، شادي جي تقريب لاس اينجلس جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ ٿي، جتي جوڙي جي ويجهن دوستن ۽ خاص مهمانن شرڪت ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ ڪنهن کي به تصويرون ڪڍڻ جي اجازت نه هئي.
رپورٽن موجب، شادي کانپوءِ جوڙو هني مون لاءِ سوئيٽزرلينڊ روانو ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي نرگس فخري ۽ ٽوني بيگ طرفان اڃا تائين شادي جي تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته نرگس ۽ ٽوني پهرين ملاقات 2022 ۾ ٿي هئي، کانپوءِ ٻنهي ۾ ويجهڙايون وڌڻ لڳيون، ٽوني بيگ هڪ ڪشميري نسل جو آمريڪي شهري آهي، جيڪو هن وقت لاس اينجلس ۾ رهائش پذير آهي.
You might also like