ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اوپنر فخر زمان آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي پهرين ميچ دوران انجري جو شڪار ٿي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
افتتاحي ميچ ۾ نيوزيلينڊ ميزبان پاڪستان کي 60 رنسن تان شڪست ڏني.
فخر زمان فيلڊنگ دوران پهرئين اوور ۾ ئي زخمي ٿي پيو، کيس ٻه ڀيرا ميدان ڇڏڻو پيو، پر علاج کانپوءِ هو ٻيهر فيلڊ تي موٽي آيو ۽ اننگز جي ختم ٿيڻ تائين فيلڊنگ جاري رکي.
بيٽنگ دوران فخر زمان چوٿين نمبر تي آيو، پر ان دوران هو تڪليف محسوس ڪندو رهيو ۽ 41 بالن تي 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
پي سي بي جي ميڊيڪل پئنل سندس انجري جو معائنو ڪيو ۽ ان کي سنجيده قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ اوپنر چيمپيئنز ٽرافي مان آئوٽ ٿي ويو، سليڪٽرز طرفان سندس متبادل طور امام الحق کي شامل ڪيو ويو.
هاڻي فخر زمان جي ڊريسنگ روم ۾ جذباتي ٿيڻ واري هڪ وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ کيس ٿڪل قدمن سان ڊريسنگ روم ڏانهن ويندي ڏسي سگهجي ٿو.
ڊريسنگ روم پهچڻ تي هو پنهنجي جذبن تي ظابطو نه رکي سگهيو ۽ لڙڪ لاڙي ويٺو، جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ ٻين رانديگرن کيس آٿت ڏيندا رهيا.