دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ٻي ميچ ۾ ڀارت بنگلاديش کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي ۾ بنگلاديش جي ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو پر بنگلاديش جو ٽاپ آرڊر مڪمل طور فلاپ ٿي ويو ۽ 35 رنسن تي 5 آئوٽ ٿي ويا.
ان موقعي تي توحيد هردوئي ۽ جاڪر علي 154 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري ٽيم کي سٺي اسڪور تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
توحيد 100 ۽ جاڪر 68 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، بنگلاديش جي ٽيم 49.4 اوورن ۾ 228 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
ڀارت طرفان محمد شامي 5، هرشيت رانا 3، اڪشر پٽيل ٻه وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ ڀارتي ٽيم گهربل هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 46.3 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو.
شبمن گل 101 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، روهت شرما ۽ راهول 41-41، ڪوهلي 28، شرياس ائير 15، اڪشر پٽيل 8 رنسون ٺاهيون.
You might also like