اسلامي نظرياتي ڪائونسل فطري ۽ فديي جو نصاب جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي فطري ۽ فديي جو نصاب جاري ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر راغب نعيمي موجب هلندڙ سال فطرو ۽ فديو گهٽ ۾ گهٽ 220 رپيا هر ڪنهن ادا ڪيو ويندو، ڪڻڪ 220، جَوَ 450 ۽ خارڪ جي حساب سان 1650 رپيا فطرو ۽ فديو ادا ڪيو وڃي.
هن چيو ته ڪشمش جي حساب سان 2500 رپيا فطرو ۽ فديو ادا ڪرڻو پوندو، ماڻهو پنهنجي حيثيت موجب فطرو ۽ فديو ادا ڪن.
سندس چوڻ هو ته فطرو ادا ڪرڻ هر غلام ۽ آزاد، مرد ۽ عورت مسلمان تي فرض آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.