ريل گاڏي جي ٽڪر ۾ 6 هاٿي مري ويا

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ۾ هاٿي ريل گاڏي آڏو اچي ويا، حادثي ۾ 6 هاٿي مري ويا.
مسافر ٽرين جهنگلي جيوت لاءِ مختص علائقي مان گذري رهي هئي ته هاٿي پٽڙي تي اچي ويا، حادثي ۾ ٽرين جون بوگيون پٽڙي تان لهي ويون پر خوش قسمتي سان مسافر محفوظ رهيا.
مسافر ٽرين جي ٽڪر ۾ 6 هاٿي مري ويا، جڏهن ته ٻه زخمي ٿي پيا.
واضح رهي ته سريلنڪا ۾ هاٿين کي قومي خزانو سمجهيو ويندو آهي ۽ هاٿين کي مارڻ يا نقصان پهچائڻ کي ڏوهه قرار ڏنو ويندو آهي، هن وقت سريلنڪا ۾ اٽڪل 7 هزار جهنگلي هاٿي موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.