باجوڙ (ويب ڊيسڪ) باجوڙ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليو جا ڦڙا پيئاريندڙ ٽيم جي حفاظت لاءِ مقرر پوليس اهلڪار مارجي ويو.
پوليس موجب ٻن موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار ٿڌي تي مارجي ويو، جڏهن ته پوليو ٽيم محفوظ رهي.
پوليس ٻڌايو ته علائقي ۾ عسڪريت پسندن جي حملن ۾ واڌ سبب سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي ضلعي ۾ پوليو مهم دير سان شروع ٿي، جڏهن ته حملي باوجود پوليو مهم جاري آهي.
You might also like