ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۽ ملڪي سطح تي سون جو اگهه رڪارڊ بلندي تي پهچي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 هزار 800 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 3 لک 8 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار 258 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 64 هزار 60 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 34 ڊالر واڌ سان 2 هزار 944 ڊالر في اونس آهي.
You might also like