نواز شريف کي ڪنهن ڪڍرايو هو؟ شير افضل مروت وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي غلط ڪڍيو ويو، نواز شريف کي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ ۽ ثاقب نثار گڏجي ڪڍرايو، ان ۾ پي ٽي آءِ جو ڪو ڪردار نٿو ٿي سگهي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته نواز شريف ۽ مون ۾ هڪجهڙائي آهي، نواز شريف کي به اڄ تائين سمجهه ۾ ناهي آيو ته کيس ڇو ڪڍيو ويو؟ ۽ مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ اها ڳالهه مون کي به ڪڏهن سمجهه ۾ نه ايندي.
هن چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ باني کي سزائون ٻڌايون ويون ته ن ليگ ۽ پ پ جي ڪيمپ ۾ مٺايون ورهايون ويون، جڏهن نواز شريف کي ڪڍيو ويو ته پي ٽي آءِ ۾ مٺايون ورهايون ويون، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جنرل (ر) قمر جاويد باجوا اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سان گڏجي نواز شريف کي ڪڍرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.