ثانيا مرزا جو پٽ بالي ووڊ ۾ انٽري لاءِ تيار؟

حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا پنهنجي ويجهي دوست ۽ بالي ووڊ فلمساز فرح خان جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا.
تازو، فرح خان جي يوٽيوب وي لاگ ۾ ثانيه مرزا، سندس پٽ اذهان ۽ ڀيڻ انعم مرزا شرڪت ڪئي، جتي هنن مختلف موضوعن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
وي لاگ دوران، فرح خان کاڌو تيار ڪيو ۽ ثانيه مرزا کان به پسند جو کاڌو پچرايو، هن گهر آيل مهمان اذهان کي تحفو پڻ ڏنو.
اذهان جي حرڪتن تي ثانيه مرزا فرح خان کي چيو ته اذهان توهان کي آڊيشن ڏئي رهيو آهي.
ثانيه ٻڌايو ته جڏهن فرح خان اذهان کي اسپتال ۾ ڏسڻ آئي ته هن 10 رپين جو نوٽ ڏيندي مذاق ۾ چيو ته مان توکي فلم ۾ لانچ ڪنديس، هي سائننگ امائونٽ آهي.
ثانيه وڌيڪ چيو ته جڏهن مون فرح کان پڇيو ته تون 10 رپيا ڏنا هئا يا 100؟ ته فرح وراڻيو ته 100 چئي ڇڏ، ان تي مان کلندي چيو ته مان ڪوڙ ڇو ڳالهان، تو 10 جو نوٽ ڏنو هو.
ان تي فرح خان به کلندي چيو ته مان جيڪو 100 جو نوٽ اذهان کي سندس پيدائش تي ڏنو هو، اهو ضايع ناهي ٿيو، اهو نوٽ اصل ۾ فلم ۾ سائن ڪرڻ جو معاوضو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.