حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ناليواري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته کيس قتل ڪرڻ کانپوءِ ساڙيو ويو.
ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي، پوليس سرجن طرفان شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آڪاش انصاري جي جسم تي درجن کان وڌيڪ تشدد جا نشان هئا، سندس جسم تي تکي اوزار سان حملو ڪيو ويو.
ايم ايل او ڊاڪٽر حميد مغل موجب ڊاڪٽر آڪاش کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ساڙيو ويو، سندس ڪپڙن ۾ گاسليٽ جي خوشبو به هئي.
هوڏانهن ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل جو ڪيس سندس پٽ خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
You might also like