لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري، سنڌ حڪومت جي ترجمان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پنجاب جا 90 سيڪڙو منصوبا پنهنجي فنڊز مان مڪمل ٿي رهيا آهن، سيهوڻ ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي علائقي ۾ پيش آيل حادثي کي وفاق تي نه وجهو.
عظميٰ بخاري سنڌ حڪومت جي ترجمان ارسلان شيخ جي پريس ڪانفرنس تي تنقيد ڪندي چيو ته الله ڪري سنڌ حڪومت 956 ارب رُپين جو ترقياتي بجيٽ جلد خرچ ڪري.
هن واضع ڪيو ته پنجاب جا گهڻي قدر ترقياتي منصوبا پنهنجي وسيلن مان مڪمل ٿي رهيا آهن، تنهنڪري سيهوڻ جي حادثي جو ذميوار وفاق کي قرار نه ڏنو وڃي.
عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ 16 سالن کان پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي، وڏو وزير مراد علي شاهه آهي، مالي سال ختم ٿيڻ وارو آهي، پر هو اڃا تائين پنهنجي علائقي ۾ گهٽيون، روڊ ۽ هاءِ وي به ٺاهي نه سگهيو آهي.
هن نشاندهي ڪئي ته وفاق هر سال سنڌ کي ان جو حصو معمول موجب ڏئي ٿو، پر مراد علي شاهه کي پنهنجي تڪ ۾ ڪم ڪرائڻ لاءِ به وفاق جي ضرورت آهي.
عظميٰ بخاري تجويز ڏني ته سنڌ جي وڏو وزير پنهنجن نون 100 ترجمانن کي به اصل حالتن بابت بريفنگ ڏئي.
واضح رهي ته سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر ارسلان شيخ چيو هو ته سنڌ ۾ حادثن جو وڏو سبب اين ايڇ اي جي خراب ٿيل روڊ آهن، وفاق شايد سنڌ کي پنهنجي نقشي مان الڳ ڪري ڇڏيو آهي.
هن طنزيه انداز ۾ چيو ته دعا آهي ته چاچَي ڀائيٽي جو پيار ڀريو رشتو قائم رهي، پر وزيراعظم کي گهرجي ته ٻيا صوبا به سندس ڌيان حاصل ڪن.