سون جي ڳولا موت جو سبب بڻجي وئي، 48 ڄڻا فوت

بماڪو (ويب ڊيسڪ) آفريڪي ملڪ مالي ۾ سون جي کاڻ ويهڻ سبب 48 مزدور فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب کاڻ مان غير قانوني طور تي سون ڪڍيو پئي ويو، فوت ٿيندڙ مزدورن ۾ عورتون به شامل آهن، جڏهن ته وڌيڪ دٻجي ويلن جي ڳولا جاري آهي، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.
واضح رهي ته آفريقي ملڪ مالي جو شمار دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سون ڪڍڻ وارن ملڪن ۾ ٿيندو آهي پر اتي سون جي کاڻن جي ڀرپاسي اڪثر لينڊ سلائيڊنگ جاواقعا پيش ايندا رهندا آهن.
هن ئي مهيني ۾ پيش آيل هڪ حادثي ۾ ڏهه عورتون پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئي ويٺيون هيون، جڏهن ته گذريل سال ان قسم جي حادثن ۾ ستر ماڻهو فوت ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.