صحتمند ۽ وڏي عمر جا پنج اصول، جاپاني تڏهن ته نوجوان ئي رهن ٿا

هرڪو ڊگهي ۽ صحتمند زندگيءَ جو خواهشمند هوندو آهي، پر انساني عمر تي ڪيترائي عنصر اثرانداز ٿيندا آهن. مناسب خوراڪ، ورزش، ۽ گهٽ ويهڻ جي عادت اختيار ڪرڻ سان نه رڳو عمر وڌائي سگهجي ٿي، پر پوڙهائپ ۾ ٿيندڙ ڏکيائين کي به گهٽ ڪري سگهجي ٿو.

تحقيقن مان ثابت ٿيو آهي ته زندگيءَ جي بهتر چونڊ، خاص طور تي خوراڪ ۽ ورزش، صحت مند ۽ ڊگهي حياتيءَ تي وڏو اثر وجهندي آهي. جيتوڻيڪ اسان پنهنجي جينز کي تبديل نٿا ڪري سگهون، پر سائنسي شاهديون ٻڌائن ٿيون ته جينياتي بناوت عمر جي مدي جو رڳو هڪ حصو آهي. هاڻي عمر وڌائڻ کان وڌيڪ، صحتمند پوڙهائپ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.

ڊگهي عمر جي خواهش رکندڙن لاءِ ماهرن جي صلاحن مان هڪ آهي ته خوراڪ ۾ ميڊيٽيرين۽ جاپاني طرز جي کاڌي کي شامل ڪيو وڃي. تحقيق موجب، ڊگهي، صحتمند ۽ خوشگوار زندگي لاءِ اهي ٻئي خوراڪون سڀ کان وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيون آهن. جيتوڻيڪ ثقافتي ۽ جاگرافيائي فرق موجود آهي، پر انهن خوراڪن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪجهڙيون آهن، جهڙوڪ مڇي کي بنيادي حيثيت حاصل هجڻ، جيڪا دماغ ۽ دل جي صحت لاءِ فائديمند سڻڀ سان ڀرپور هوندي آهي. ان کانسواءِ، انهن ۾ تازيون يا خمير ٿيل سبزيون شامل هونديون آهن، جڏهن ته هٿرادو ۽ تيز پڪل خوراڪ جي واپرائڻ گهٽ ڪيو وڃي ٿو.

ٿولهه صحت لاءِ وڏو مسئلو بڻجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جو لاڳاپو دل ۽ ذيابطيس جهڙين بيمارين سان هوندو آهي. بالغ ماڻهن لاءِ ٿورو وزن به گهٽ ڪرڻ ڊگهي حياتيءَ ۽ گڏيل صحت لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. تحقيق ٻڌائي ٿي ته رڳو پنج سيڪڙو وزن گهٽائڻ سان به رت جي شگر ۽ بلڊ پريشر تي هاڪاري اثر پئجي سگهي ٿو.

اڄ جي دور ۾، جتي ڪمپيوٽر جو استعمال زندگيءَ جو لازمي حصو بڻجي ويو آهي، ساڳئي جاءِ تي ويهڻ جي عادت به وڌي وئي آهي، جيڪا صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهي آهي. سائنسدانن جي تحقيق ٻڌائي ٿي ته گھڻو ويهڻ، ذيابطيس، دل جي بيمارين، ۽ وقت کان اڳ واري موت جي امڪانن کي وڌائي ٿو. ان لاءِ جيترو ٿي سگهي، جسماني سرگرميون وڌائڻ گهرجن.

ورزش صحت لاءِ سڀني کان بهتر ڳالهين مان هڪ آهي، جيڪا نه رڳو جسماني صحت پر ذهني بهتري لاءِ به انتهائي فائديمند آهي. ماهرن موجب، بالغ ماڻهن کي هر هفتي گهٽ ۾ گهٽ 150 منٽ هلڪي کان وچولي سطح جي جسماني سرگرمي ڪرڻ گهرجي، ته جيئن زندگي صحتمند رهي.

سگريٽ نوشيءَ کي ڇڏي ڏيڻ سان نه رڳو صحت بهتر ٿي سگهي ٿي، پر زندگيءَ جو مدو وڌائي سگهجي ٿو. تحقيق موجب، جيڪي ماڻهو ڪڏهن به سگريٽ نه ٿا پيئن، انهن جي عمر ٻين جي ڀيٽ ۾ گهڻي ڊگهي ٿيندي آهي. ان لاءِ سگريٽ ڇڏي ڏيڻ صحت مند ۽ ڊگهي حياتيءَ لاءِ اهم قدم ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.