لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي چيئرپسن غنويٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر نئين ديري جي مقتول هندو واپاري سنتوش ڪمار جي تڏي تي پهچي وارثن ۽ هندو برادري سان تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي ذالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته هندن جي جان ۽ مال جو مڪمل تحفظ ڪندي جيستائين قاتل ڪيفر ڪردار تائين نٿا پهچن تيستائين اسان سک سان نه ويهنداسين، اسان هميشه جيان هر قدم تي توهان سان گڏ آهيون.
هن چيو ته مقتول سنتوش ڪمار جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري ضلعي اندر امن بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
ان موقعي تي پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جا اڳواڻ غلام حيدر ناريجو، عبدالستار جاگيراڻي، مھراب علي ڀٽو، مير لياقت علي عمراڻي، شاھنواز خان ٿھيم، رستم علي شاهه، نظام ڀٽو، صدام جاگيراڻي پڻ موجود هئا.
You might also like