ڀولي سڄي ملڪ جي بجلي بند ڪري ڇڏي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ۾ آچر جي صبح سڄي ملڪ ۾ بجلي فراهمي معطل ٿي وئي، جنهن جو ذميوار هڪ ڀولي کي قرار ڏنو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سريلنڪا ۾ اٽڪل ساڍي 11هين وڳي بجلي جو بريڪ ڊائون شروع ٿيو، جيڪو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهيو، ان دوران شهرين تڪليف کي منهن ڏنو، اسپتالن کي ايمرجنسي ۾ جنريٽرز تي منتقل ڪرڻو پيو.
اختيارين موجب بجلي جو بريڪ ڊائون ڏکڻ ڪولمبو ۾ سيلون اليڪٽريسٽي بورڊ جي گرڊ اسٽيشن ۾ خرابي سبب ٿيو، 3 ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ بجلي فراهمي بحال ڪئي وئي، جڏهن ته مڪمل بحالي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب سريلنڪا جي توانائي واري وزير ڪمارا جياڪوڊي ملڪ ۾ بجلي بريڪ ڊائون جو ذميوار هڪ ڀولي کي قرار ڏنو.
هن چيو ته هڪ ڀولو گرڊ اسٽيشن ۾ گهڙي ويو هو، جنهن سبب اتي خرابي پيدا ٿي ۽ بجلي فراهمي معطل ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.