اڇي وارن جو حَل به ملي ويو! سولو ۽ فائديمند طريقو

عمر وڌڻ سان وارن جو اڇو ٿيڻ عام ڳالهه آهي، پر هاڻي ماهرن هڪ اهڙو طريقو ڳولي ورتو آهي، جيڪو وارن جي رنگ کي برقرار رکي سگهي ٿو.

جاپان جي ناگويا يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ خاص اينٽي آڪسيڊنٽ "لُٽيولين” (Luteolin) وارن کي اڇو ٿيڻ کان روڪڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو.

ماهرن هن اينٽي آڪسيڊنٽ جي آزمائش ڪوئن تي ڪئي، جيڪي عمر جي اهڙي مرحلي تي پهتا هئا، جتي سندن وارن جو رنگ ڦڪڙو ٿيڻ لڳو هو. نتيجن مان خبر پئي ته جن ڪوئن کي لُٽيولين ڏنو ويو، انهن جا وار ڪارا رهيا، جڏهن ته ٻيا ٻه اينٽي آڪسيڊنٽ ايترا اثرائتا ثابت نه ٿيا ۽ باقي ڪوئن جا وار اڇا ٿي ويا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته لُٽيولين خاص طور تي انهن پروٽينز تي اثرانداز ٿيندو آهي، جيڪي وارن جي پاڙن ۾ رنگ برقرار رکڻ لاءِ ضروري هوندا آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو وارن جي وڌڻ جي عمل ۾ سڌي ريت ڪو به ڪردار ادا نه ڪندو، پر ان جو اثر سڌو سنئون وارن جي رنگ تي پوي ٿو.

تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڪوئن ۽ انسانن ۾ وارن جي رنگ مٽائڻ جو عمل گهڻي حد تائين ساڳيو هوندو آهي، تنهنڪري اها اميد آهي ته اهو طريقو انسانن لاءِ به فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

ماهرن مشورو ڏنو آهي ته جيڪڏهن توهان وارن کي وقت کان اڳ اڇو ٿيڻ کان بچائڻ چاهيو ٿا، ته پنهنجو کاڌو بهتر ڪريو ۽ گجرن، بصرن، مرچن ۽ ٻين سبزين جو وڌيڪ استعمال ڪريو.

هن تحقيق جا تفصيلي نتيجا سائنسي جرنل Antioxidants ۾ ڇپيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.