دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيسٽ پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي جي هفتيوار پليئرز رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي جوءِ روٽ جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تي حڪمراني برقرار آهي جڏهن ته آسٽريليا جي اسٽيو سمٿ ٽه درجا ترقي ماڻيندي پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.
سريلنڪا جو ڪمينڊو مينڊس هڪ درجو ترقي سان ڇهين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو عثمان خواجا ڇهه درجا بهتري بعد يارهين نمبر تي اچي ويو آهي.
پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جو ڪپتان محمد رضوان 16 هين ۽ بابر اعظم 19 هين نمبر تي موجود آهي.
ان کانسواءِ ٽيسٽ بالرن ۾ ڀارت جي جسپريت بمرا جي پهرين پوزيشن برقرار آهي جڏهن ته ٽيسٽ بالرن ۾ پاڪستان جو نعمان علي پنجين نمبر تي موجود آهي، آسٽريليا جي نٿين ليون ٻه درجا بهتري کانپوءِ ڇهين پوزيشن ماڻي.
ٽيسٽ آل رائونڊرز ۾ ڀارت جي رويندرا جاڙيجا جو پهريون نمبر آهي، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي بيٽرز ۾ آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ پهرين پوزيشن آهي.
ڀارت جي اڀيشيڪ شرما وڏو ٽپو ڏيندي 38 درجا ترقي بعد ٻي پوزيشن ماڻي ورتي آهي، ٽي ٽوئنٽي بيٽرز ۾ بابر اعظم هڪ درجو وڃائيندي ستين نمبر تي هليو ويو آهي.
پاڪستاني ڪپتان محمد رضوان هڪ درجو هيٺ ڪِرندي نائين نمبر تي هليو ويو، ويسٽ انڊيز جو عقيل حسين هڪ ڀيرو ٻيهر نمبر ون بالر بڻجي ويو آهي.
انگلينڊ جي عادل رشيد هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ ٻئي نمبر هليو ويو، جڏهن ته ڀارت جي ورون چڪرورتي ٽي درجا ترقي ماڻيندي ٽيون نمبر حاصل ڪري ورتو آهي.
ڀارت جي روي بشنوئي چار درجا بهتري سان ڇهين نمبر تي اچي ويو، ٽي ٽوئنٽي ٽاپ ڏهن بالرن ۾ پاڪستان جو ڪو به بالر شامل ناهي، ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز ۾ ڀارت جي هاردڪ پانڊيا پهرئين نمبر تي موجود آهي.
Next Post
You might also like