بي پي ايل فرنچائز جي جُٺ، معاوضو ۽ واپسي جي ٽڪيٽ نه ملڻ سبب پرڏيهي ڪرڪيٽر رُلي ويا

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽر محمد حارث جي فرنچائز جو هڪ ٻيو معاملو سامهون اچي ويو.
هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته بنگلاديش پريميئر ليگ جي فرنچائز اڃا تائين پنهنجي پرڏيهي رانديگرن ۽ عملي جي ميمبرن کي پگهارون ادا ناهن ڪيون، راج شاهي جي مالڪ شفيق رحمان اعلان ڪيو هو ته پرڏيهي ڪرڪيٽرن جي پنهنجي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ لاءِ ٽڪيٽون بڪ ڪيون ويون آهن.
پر رهتن جي منظوري ۾ ناڪامي سبب ڪيترائي وڏا نالا ڍاڪا جي ٽيم هوٽل ۾ ڦاٿل آهن.
رپورٽ موجب پرڏيهي رانديگرن پنهنجي ادائيگي لاءِ ٽيم انتظاميا سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر ڪو جواب نه مليو، انهن رانديگرن ۾ پاڪستان جو محمد حارث، افغانستان جو آفتاب عالم، ويسٽ انڊيز جو مارڪ ديال، زمبابوي جو ريان برل ۽ ويسٽ انڊيز جو ميگوئل ڪمنز شامل آهن، جن کي اڃا تائين رهتن جي مڪمل ادائيگي ناهي ڪئي وئي.
ٽيم مالڪن واعدو ڪيو هو ته رهتون ڪليئر ڪري ڇڏيندا پر ڪيترائي مقامي ڪرڪيٽر رقم ملڻ بنا ئي هوٽل مان هليا ويا.
ايتري تائين جو فرنچائز پنهنجي بس ڊرائيور محمد بابول کي به پگهار نه ڏني، جنهن کانپوءِ هن فرنچائز کي غلطي جو احساس ڏيارڻ لاءِ رانديگرن جا ڪٽ بيگ ۽ سامان بس جي اندر بند ڪري ڇڏيو.
بس ڊرائيور چيو ته رهتن جي ادائيگي کانپوءِ ئي رانديگرن جو سامان واپس ڪيو ويندو.
واضح رهي ته پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث جو مسئلو گذريل ڏينهن حل ٿي ويو هو.
محمد صورتحال پي سي بي کي صورتحال کان آگاهه ڪيو هو، جنهن کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهائي مسئلو حل ڪرايو ۽ قومي ڪرڪيٽر کي بي پي ايل انتظاميا فلائيٽ جي ٽڪيٽ ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.