انگلينڊ ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارت کي 26 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

راج ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارت کي 26 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
راج ڪوٽ ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي انگلينڊ مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنسون ٺاهيون.
بين ڊڪٽ 51، ليام ليونگسٽن 43، ڪپتان جوز بٽلر 24 رنسن جي اننگز کيڏي، ڀارت طرفان ورون چڪرورٿي 5 شڪار ڪيا.
جواب ۾ ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 146 رنسون ٺاهي سگهي، هارديڪ پانڊيا 40، اڀيشيڪ شرما 24، تلڪ ورما 18، ڪپتان سوريا ڪمار ياديو 14 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
انگلينڊ جي جمي اورٽن 3، بريڊن ڪرس، جوفرا آرچر 2-2، مارڪ ووڊ ۽ عادل رشيد 1-1 وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته 3 ميچن جي سيريز ۾ ڀارت کي 1-2 جي سرسي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.