بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 3 خارجي مارجي ويا، 9 زخمي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 3 خارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته 9 خارجي دهشتگرد زخمي به ٿيا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بنون ضلعي جي علائقي جاني خيل ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.
پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته 27 جنوري تي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڳجهو آپريشن ڪيو ويو، ڪارروائي ۾3 خارجين کي ماريو ويو، جڏهن ته 9 زخمي ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.