ڇا توهان صبح جو جڳاڻ لاءِ موبائل فون جي الارم جو سھارو وٺو ٿا؟ ته اهڙي عادت سٺي ننڊ حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي.
اهڙي ڳالهه تازي ٿيندڙ تحقيق ۾ ڪئي وئي آهي.
فرانس جي Notre Dame يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو صبح اُٿڻ لاءِ الارم ڪلاڪ استعمال ڪن ٿا، اهي قدرتي طور تي جاڳڻ وارن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ٿڪاوٽ جو شڪار ٿين ٿا.
هن تحقيق ۾ 450 اهڙن ماڻهن کي شامل ڪيو ويو جيڪي سڄو ڏينهن نوڪري ڪن ٿا ۽ انهن جي ننڊ جو مدو ۽ دل جي ڌڙڪن جي رفتار جو ڊيٽا وئير ايبل ڊوائيسز ذريعي گڏ ڪيو ويو هو.
تحقيق مان خبر پئي ته جيڪي ماڻهو الارم ڪلاڪ کي بٽڻ دٻائي بند ڪندا آهن، انهن جي ننڊ وڌيڪ متاثر ٿئي ٿي، جڏهن ته قدرتي طور تي جاڳڻ وارن ماڻهن جي ننڊ ڊگهي هوندي آهي ۽ اهي ڏينهن دوران گهٽ ڪيفين استعمال ڪندا آهن.
ماهرن چيو آهي ته توهان الارم ڪلاڪ استعمال ڪريو يا نه، ماڻهن جي ننڊ جو مدو عام طور تي هڪجهڙو هوندو آهي، پر جيڪي ماڻهو الارم استعمال نٿا ڪن، انهن کي ڏينهن دوران گهٽ ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي آهي.
تحقيق ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته الارم جو استعمال ماڻهن جي ننڊ جي قدرتي سائيڪل کي متاثر ڪري ٿو جنهن سبب دماغ تي ناڪاري اثر پون ٿا.