واٽس ايپ ۾ هڪ نئون بهترين فيچر متعارف ڪرائڻ جي تياري شروع ڪئي وئي آهي.
WABetaInfo جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ پاران ملٽي اڪائونٽ فيچر کي iOS ڊيوائسز جي بيٽا (beta) ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
هي فيچر اڳ ۾ اينڊرائيڊ ڊيوائسز جي بيٽا ورزن ۾ به نظر آيو هو.
هن نئين فيچر سان واهپيدارن هڪ ئي ايپ ۾ ڪيترن ئي اڪائونٽس ۾ لاگ ان ٿي سگهن ٿا ۽ مختلف اڪائونٽس استعمال ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪنهن ٻئي ڊيوائس جي ضرورت نه پوندي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واٽس ايپ سيٽنگز ۾ لڪل هن فيچر سان واهپيدار ملٽي اڪائونٽس کي فعال ڪري سگهن ٿا يا انهن کي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا.
اهو خاص طور تي انهن واهپيدارن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو جن وٽ هڪ کان وڌيڪ فون نمبر هوندا آهن يا جيڪي ڊوئل سم سپورٽ وارا فون استعمال ڪن ٿا.
ساڳي ريت واهپيدار واٽس ايپ ۽ واٽس ايپ بزنس ۾ ڪيترن ئي اڪائونٽس کي استعمال ڪري سگهندا.
رپورٽ موجب ملٽي اڪائونٽ فيچر ۾ اڪائونٽس ايڊ ڪرڻ لاءِ واهپيدارن کي 2 آپشن ملندا.
هڪ آپشن تحت اهي نئون پرائمري اڪائونٽ سيٽ ڪري سگهن ٿا يا QR ڪوڊ ذريعي اڳ ۾ موجود اڪائونٽ کي ايڊ ڪري سگهن ٿا.
جڏهن ڪنهن اڪائونٽ کي ايڊ ڪيو ويندو، ته هر اڪائونٽ پاڻمرادو ڪم ڪندو، يعني ٻنهي جا نوٽيفڪيشن الڳ موصول ٿيندا، چيٽ هسٽريز، بيڪ اپ ۽ سيٽنگز وغيره هڪ ٻئي کان مختلف هونديون.
جيتوڻيڪ، ايپ کي ري اسٽارٽ ڪرڻ بعد مختلف اڪائونٽ تي سوئچ ڪرڻو پئجي سگھي ٿو.
جيئن مٿي ڄاڻايل آهي، هي فيچر اڃا تائين بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، ان لاءِ اڃا تائين اهو چوڻ ڏيکو آهي ته اهو iOS يا اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ ڪڏهن مڪمل طور تي موجود هوندو.
پر امڪان آهن ته اهو ايندڙ ڪجهه مهينن دوران سڀني واهپيدارن لاءِ اهو متعارف ڪرايو وڃي.