ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت مهمان انگلش ٽيم کي ٻئي ٽي 20 ميچ ۾ به شڪست ڏئي ڇڏي آهي.
چنئي ۾ کيڏيل ٻئي ٽي 20 ميچ ۾ انگلينڊ پهرين بيٽنگ ڪئي ۽ 9 وڪيٽن تي 165 رنسون ٺاهيون، جوز بٽلر 54 ۽ برينڊڪارس 31 رنسن سان نمايان رهيا.
جواب ۾ ڀارتي ٽيم آخري اوور ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنسن جو هدف حاصل ڪري وئي ۽ 2 وڪٽن سان فاتح ثابت ٿي.
ڀارت طرفان تلڪ ورما 72 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي ۽ ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان دوران هن 5 ڇڪا ۽ 4 چوڪا هنيا.
ڀارت 5 ٽي 20 ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل ڪري چڪو آهي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽيون ميچ 28 جنوري تي راج ڪوٽ ۾ کيڏيو ويندو.