لاهور(ويب ڊيسڪ)ڪرشنگ سيزن جي باوجود لاهور ۾ کنڊ جي اگهن ۾ ۾ لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي.
ذرايع موجب شهر ۾ ڪجهه ڏينهن ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 18 رپيا في ڪلو جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ڊيلرز ايسوسيئيشن جي ذريعن ٻڌايو ته کنڊ جو ايڪس مل ريٽ 140 کان 143 رپيا تائين آهي، ڊسمبر ۾ کنڊ جو ايڪس مل ريٽ 125 رپيا هو، فيبروري لاءِ فيوچر ٽريڊ 145 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.
واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ننڍن دڪانن ۾ کنڊ 150 رپيا في ڪلو وڪڻي رهي آهي.
ٻئي پاسي ڊيلرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ شيخ عاصم چيو آهي ته کنڊ برآمد ڪري هٿرادو کوٽ ۽ اگهه وڌايا پيا وڃن، کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ نااهلي ۽ ملي ڀڳت هئي.
شيخ عاصم جو چوڻ آهي ته مافيا کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته رمضان ۾ کنڊ جا اگهه وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي.