ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمٰن جو چوڻ آهي ته حماس سبق ڏنو آهي ته مزاحمت ۾ زندگي آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته فلسطينين 7 آڪٽوبر 2023 تي ئي اسرائيل کي شڪست ڏئي ڇڏي هئي، حماس جيڪو ڪجهه اسرائيل سان ڪيو، اسان ان جي حمايت ڪريون ٿا، اسرائيل کي شڪست ڏيڻ حق جي فتح آهي، اسرائيل شڪست کائي چڪو آهي.
حافظ نعيم الرحمٰن چيو ته هي اسرائيل جي شڪست ناهي، هي آمريڪا جي شڪست آهي، آمريڪي رياست جو هڪ ايجنڊو آهي، جتي صدر تبديل ٿيو آهي، پر پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي آهي، آمريڪي عوام حماس کي پسند ڪري ٿي، حماس هڪ جمهوري فورس آهي.
هن چيو ته گذريل ڏينهن مون قطر جو دورو ڪيو، جتي صحافين سان ملاقات ڪئي، قطر ۾ فلسطيني آواز بڻجندڙ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، حماس اسرائيل خلاف تاريخ رقم ڪئي ، 15 مهينن کانپوءِ هڪ امن معاهدو ٿيو آهي جيڪو حماس جي فتح آهي.