آمريڪي ڪانگريس کي پاڪستان خلاف ڀڙڪايو پيو وڃي: گهرو وزير

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته آمريڪي ايوان جي نمائندن کي پاڪستان خلاف ڀڙڪايو پيو وڃي.

آمريڪا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سياست ڪريو، پر ان حد تائين نه وڃو جو پاڪستان جو نقصان ٿئي.

محسن نقوي چيو ته آمريڪا ۾ چين خلاف ڪنهن تقريب ۾ شريڪ نه ٿيو، نوجوانن جي تقريب ۾ شرڪت کي پروپيگنڊا ڪري غلط رنگ ڏنو ويو.

هن ٻڌايو ته دوري جو مقصد آمريڪي سياستدانن سان ملاقات ڪري دهشت گردي خلاف هڪ هاڪاري پلان جوڙڻ آهي، دهشت گردي خلاف جنگ رڳو پاڪستان جي ناهي، هي سڀني جي گڏيل جنگ آهي.

وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خلاف جيڪو به هٿيار کڻندو، ان سان سيهي جي ڀت بڻجي مقابلو ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.