پنهنجو گهر پنهنجي ڇت پروگرام ۾ سفارش تي نه پر ميرٽ تي قرض ڏنا ويندا: مريم نواز

پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جو چوڻ آهي ته "پنهنجي ڇت، پنهنجو گهر” پروگرام پورٽل تي 4 لک کان وڌيڪ درخواستون جمع ٿيڻ جو رڪارڊ بڻيو آهي.

مريم نواز پنهنجي "پنهنجي ڇت، پنهنجي گهر” پروگرام بابت بيان ۾ چيو ته 9 هزار ماڻهن کي 8 ارب 50 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جا قرض بنا وياج جي جاري ڪيا ويا آهن.

هن ٻڌايو ته پروگرام جي مرحلن ۾ 5 هزار قرضن سان گرهن جون اڏاوتون جاري آهن.

پنجاب جي وڏي وزير ٻڌايو ته پورٽل تي ملندڙ درخواستن جي تصديق 3 غير جانبدار مائڪرو فنانس ادارا ڪري رهيا آهن، هڪ سال ۾ هڪ لک ۽ 5 سالن ۾ 5 لک گهر ٺاهڻ جو هدف حاصل ڪيو ويندو.

هن چيو ته "پنهنجي ڇت، پنهنجو گهر” پروگرام سڀ کان بهترين هاؤسنگ پروجيڪٽ ثابت ٿيندو.

مريم نواز چيو ته خواهش آهي ته پنجاب ۾ ڪوبه بي گهر نه رهي، سڀني وٽ پنهنجي ڇت هجي.

هن چيو ته "پنهنجي ڇت، پنهنجو گهر” پروگرام ۾ سفارش ناهي، ميرٽ جي بيناد قرض ڏنا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.