خضدار ۾ ڌماڪو، هڪ ڄڻو قتل، ست زخمي ٿي پيا

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)خضدار ۾ ايم 8 قومي شاهراهه تي کهوڙي واري هنڌ تي ڌماڪو ٿيو آهي.

ليويز اختيارين موجب ڌماڪي ۾ هڪ شخص مارجي ويو آهي ۽ 7 ماڻهو زخمي ٿي ويا آهن.

اختيارين ٻڌايو آهي ته ڌماڪيدار مادو دڳ ويجهو بيٺل ڪار ۾ رکيو ويو هو.

ليوئيز اختيارين جو چوڻ آهي ته رستي جي پاسي کان بس گذري رهي هئي، ته اوچتو ڌماڪو ٿي ويو، مارجي ويل ۽ زخمي مسافر بس ۾ سوار هئا.

اختيارين چيو آهي ته زخمين کي ٽراما سينٽر خضدار منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.